پروانونور محمد

پروانو، نور محمد: نور محمد ولد مهر دل پندراڻي بروهي، 15 فيبروري 1918ع تي ڳوٺ پندراڻ تعلقي اوستي محمد بلوچستان ۾ پيدا ٿيو. اوستي محمد ۾ ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. مڊل جو امتحان سبيءَ مان ڏنائين. محمد پور اوڍو، تعلقو ڳڙهي خيرو سنڌ سندس ڳوٺ آهي. سنڌي، براهوي ۽ اردو زبانن جو شاعر، اديب ۽ صحافي رهيو آهي. 1938ع ۾ جيڪب آباد جي هفتيوار”ڪمال هند“ جو نمائندو مقرر ٿيو. بعد ۾ هفتيوار ”نوجوان“ جيڪب آباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ڳڙهي خيري تعلقي جي اوڍن جي سردار نبي بخش خان اوڍي جو مئنيجر به رهيو. نور محمد پروانو بنيادي طرح ڪانگريسي ڪارڪن رهيو ۽ ڪشمير وڃي سرينگر ۾ سماجي خدمتون سرانجام ڏنائين. هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان 1950ع ۾ جيڪب آباد ۾ آل پاڪستان بروهي ائسوسيئيشن جو بنياد رکيائين، جيڪا بعد ۾ 1973ع ۾ تراب بروهيءَ رجسٽر ڪرائي. 1960ع ۾ ان وقت جي بلوچستان جي گورنر غوث بخش خان رئيساڻي مرحوم جي مدد سان مستونگ بلوچستان مان هڪ هفتيوار اخبار ”ايـلـم مستونگ“ جاري ڪيائين، جيڪا براهوي ۽ اردو زبان ۾ آهي. هن اخبار ۾ سنڌي زبان کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي. سنه 1958ع ۾ براهوي ادبي بورڊ قائم ڪري ”براهوئي قاعده“ ڪتاب لکي شايع ڪرايائين. هن هڪ اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان ڪوئٽا ۽ خضدار ريڊيو کان سواءِ ڪوئٽا ٽي وي جي بيشمار پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. سندس هفتيـوار اخبار ”ايـلــم“ ذريعي براهوي علم، ادب، صحافت ۽ ثقافت کي جيڪا ترقي نصيب ٿي، سوين اديب، شاعر، صحافي، فنڪار ۽ عالم پيدا ٿيا، سا ڳالهه سندس خدمتن ۽ قربانين جو نتيجو آهي. 10 ڊسمبر 1995ع تي وفات ڪيائين. سندس جاري ڪيل اخبار ”ايلم“ اڄ تائين سندس پوٽو محمد عظيم ”ذاڪـر“ براهوي جاري رکيو پيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو